ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳوڻي پرسنل سيڪريٽري لطيف نيازي کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب لطيف نيازي کي اينٽي ڪرپشن پاران تعليم کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين تي گرفتار ڪيو ويو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته لطيف نيازي ۽ علي امين نااهل ماڻهن کي دٻاءُ ذريعي ڀرتي ڪيو، ڪرپشن جي رقم سان ملڪيتون ۽ بنگلا خريد ڪيا. واضح رهي ته لطيف نيازي هڪ مهينو اڳ علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.










