علي امين  جو اسلام آباد تي قبضي جو بيان صحيح آهي: عمران

علي امين جو اسلام آباد تي قبضي جو بيان صحيح آهي: عمران

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو اسلام آباد تي قبضي جو بيان صحيح آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي صحافين سان ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي منهنجا بنيادي حق ختم ڪيا ويا آهن مان ادارن کي ڪيئن نقصان پهچائي سگهان ٿو.هن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي پٽيشن ٻڌڻي هيٺ آهي جن تي ٻڌڻي نه پئي ڪئي وڃي. منهنجي حڪومت واري دور جي موجوده حڪومت جي دور سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. ملڪ جون جيڪي حالتون آهن انهي تي سرمائيڪاري ذريعي ئي سڌارو آڻي سگهجي ٿو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان علي امين گنڊاپور، عمر ايوب ۽ شبلي فراز کان علاوه ڪنهن کي به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جو اختيار نه ڏنو آهي. مون کي پارٽي اڳواڻن سان صرف 30 منٽ ملاقات جي اجازت آهي. مان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جو نالو مشاورت ڪري ٻڌائيندس.وزيراعظم شهباز شريف جي علي امين گنڊاپور سان ملاقات جو حوالو ڏيندي عمران خان چيو ته مون کي خبر هئي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان تصوير ٺاهي صوبي کي انهي جو حق نه ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو