عليزا ۽ فيروز خان جي گهر نياڻي جي پيدائش

عليزا ۽ فيروز خان جي گهر نياڻي جي پيدائش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور اداڪار فيروز خان ۽ سندس زال عليزا هڪ ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي. اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري ذريعي پنهنجي ڌيءَ جي ڄمڻ جي خوشخبري ڏني، هن الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي اعلان ڪيو ته سندس گهر ۾ رحمت اچي وئي آهي. فيروز خان هيش ٽيگ ذريعي اهو به چيو ته هن پنهنجي ڌيءَ جو نالو فاطمه خان رکيو آهي. واضح رهي ته فيروز ۽ عليزا جو هي ٻيو ٻار آهي، ان کان اڳ کين هڪ پٽ ’سلطان‘ آهي، جيڪو مئي 2019 ۾ پيدا ٿيو هو. جوڙي 2018 ۾ شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو