اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف صدر ڊاڪٽر عارف علوي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عارف علوي پنهنجي آئيني وقتن ۾ رهي، اليڪشن ڪميشن جي آئيني حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪري ۽ سياست ۾ نه اچي.بچاءَ واري وزير چيو ته عارف علوي پنهنجي نه پر پنهنجي عهدي جي عزت جو خيال رکي، عارف علوي کي ياد رکڻ گهرجي ته هن 2018 جي چونڊ جي نتيجي ۾ صدر جي عهدي تي قبضو ڪيو.خواجا آصف سپريم ڪورٽ جي ريفرنس ۽ وارننگ جو فيصلو به شيئر ڪيو.










