علامه اقبال يونيورسٽي جا پيپر بنا اطلاع جي ملتوي، شاگرد پريشان

علامه اقبال يونيورسٽي جا پيپر بنا اطلاع جي ملتوي، شاگرد پريشان

شاهپور جهانيان ( اسد جاني) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي انتظاميا پاران هلندڙ 2019 سال جا ڪيترائي پيپر بنا اطلاع ۽ نوٽيس جي ڪئنسل ڪري ڇڏيا جنهن ڪري اردو اسڪول مورو ۾ امتحاني سينٽرن تي آيل سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيپر ڏيڻ بنا واپس موٽي ويون. بنا اطلاع جي پيپر ملتوي ڪرڻ واري عمل خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تاءُ پکڙيل. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين سڪندر ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ ضمير ڀٽي، سرويچ سنڌي، فاروق چانڊيو، سلمه، سائره، عاصيا ۽ ٻين ٻڌايو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي انتظاميا انتظاميا پاران بي اي ڊگري سميت ٻين مختلف ڊگرين جا امتحان مورو جي دستگير ڪالوني جي اردو اسڪول ۾ هلندڙ آهن جنهن سڄي ضلعي جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون داخلائون آهن. هن مهيني دوران اسان جا ٻه پيپر بنا ڪنهن اطلاع جي امتحاني سينٽر ۾ پهچڻ بعد سينٽر انويجيليٽرن پاران جوابي ڪاپيون ۽ سوالي پيپر ڏيڻ  کانپوءِ وري واپس کسي ڇڏيون. هنن ٻڌايو ته پهريان به 1423 ڪوڊ سان انگريزي جو ٻئين سيميسٽر جو پيپر اچانڪ ملتوي ڪيو ويو هئو ۽ اڄ وري ٻيهر ٽئين سيميسٽر جو 1424 ڪوڊ جو انگريزي جو پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪا اسان سان سراسر زيادتي آهي. شاگردن ۽ شاگردياڻين اعليٰ  اختيارين کان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد انتظاميا خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو