علامه اقبال جو جنم ڏينهن، گارڊز جي تبديلي جي تقريب

علامه اقبال جو جنم ڏينهن، گارڊز جي تبديلي جي تقريب

لاهور(ويب ڊيسڪ) شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن اڄ سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. لاهور ۾ سندس مزار تي گارڊز جي دستي جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. نيوي جي دستي اها ذميواري سنڀالي. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان فاتحه پڙهي ۽ سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. جنم ڏينهن جي موقعي تي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جاري ڪيل ڌار ڌار بيانن ۾ علامه اقبال کي مفڪر ۽ فلسفي قرار ڏيندي کيس زبردست خراج پيش ڪندي چيو ته سندس تعليمات موجب اسانکي عمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته 9 نومبر تي سابق حڪومت عام موڪل ختم ڪئي هئي جيڪا موجوده حڪومت بحال ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو