ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) شهر جي 15 پوليس جي اهلڪارن اظھار حسين نثارعلي ۽ هڪ سادن ڪپڙن واري شخص ميمڻ اسپتال مان علاج ڪرائڻ لاءِ آيل شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ محمد لائق لغاري جي رهواسي انور لغاري جي موٽر سائيڪل ميمڻ اسپتال جي اڳيان زوري ڪاهي ويا. جنهن جي ڳولا بعد پوليس ڪاغذ نه هئڻ جو سبب ٻڌايو ۽ گاڏي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن کانپو۽ ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاري ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان عبدالله ميمڻ سان رابطو ڪري موٽر سائيڪل واپس ڪرائي. ذريعن جو چوڻ هي ته ٻنهي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي.










