اسلام آباد(ڊيسڪ رپورٽ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ننڍو ڊان قرار ڏيندي چيو آهي ته ننڍو ڊان چوي ٿو ملڪ ۾ قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ نه هجي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عقل جا انڌا چون ٿا ته چورن کي ڀڄائڻ لاءِ ڌاڙيلن جي حڪومت ٺاهيو، سڀني کي خبر آهي ته ڪير عالمي سامراج جا ايجنٽ آهن، هو پنهنجي اولاد کي ڌاڙيلن ۽ چورن جي حوالي نه ڪندا. فواد چوڌري چيو ته سنڌ هائوس ۾ ٻوليون لڳي رهيون آهن، ماڻهو پنهنجو ضمير وڪڻي رهيا آهن، ان موقعي تي ماڻهن ڊيزل جا نعرا هنيا ته فواد چوڌري چيو ته ڊيزل چوڻ کان منع ڪئي وئي آهي، ڊيزل نه چئو. بعد ۾ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪارروائي جي ڊپ کان لوٽا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن، اسپيڪر کي گهرجي ته ڪارروائي ڪري انهن ضمير فروشن کي تاحيات نااهل قرار ڏئي. سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي موجودگي واري معاملي تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته پنجن ماڻهن کي 5 کان 20 ڪروڙ رپيا مليا. خچرن، گڏهن ۽ گهوڙن جون منڊيون لڳي ويون آهن، فواد چوڌري چيو ته اسپيڪر کي گهرجي ته ڪارروائي ڪري اهڙن ضمير فروشن کي سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي.










