تحرير : سرمد ملاح
سنڌ جيجل امان پنھنجي ڪک مان وڏن وڏن ڪردارن ، سپوتن، دليرن، مانجھي مڙسن کي جنم ڏنو آهي ، ڇو ته ڪي ڪي اھڙا ڪردار ھوندا آھن ڀلي ورھيه – صديون گذريون وڃن پر اُھي عظيم شخصيتون، ڪينَ وسري سگھجن ٿيون، اھڙي طرح شيخ اياز جون ڪجهه سٽون آھن ته :
توکي ڪير وساري سائين ،
توکي وسارڻ اوکو ھوندو .
پنھنجو پاڻ سان دوکو ھوندو ،
جيسين موت نه ماري سائين!
توکي ڪير وساري سائين ..
امر ڪردارن جا نانءُ ، ڳڻ ھر لب تي پيا ڳائجندا آھن، ۽ ھميشه جي لاءِ ھر دل ۾ زنده ھوندا آھن . سنڌ جي قومي راند”ملهه” سنڌ جي ثقافت آھي. ھيءَ راند گھڻو ڪري سنڌ جي بزرگن، اوليائن، ۽ پيرن فقيرن ، جي درگاھن، اوتارن تي لڳندڙ ميلن ۽ عام خوشيءَ جي موقعن تي کيڏي ويندي آهي. ڪنھن دور ۾ ته ھن راند جو وڏو عروج ھو. ماڻھو پري اوري کان ڪھي وڃي ملهه ڏسڻ لاءِ ملاکڙي ۾ شريڪ ٿيندا ھئا، توڙي جو انھن ڏينھن ۾ سواريءَ جون سھولتون عام نه ھيون، پر جيئن شوق جي ڪا به بھا نه ٿيندي آھي تيئن شوق ۾ ماڻھو پنڌ به نه ڏسندا آھن. رانديون ، رانديگرن سان سڃاپنديون ۽ سونھنديون آهن، رانديگر، راند جي اميج “image”کي ٺاھيندا آھن، راند جڏهن عالمي معيار تي کيڏي ، ۽ ان جا رانديگر به ان ليول جا ھجن، ته پوءِ ڏسندڙن ۾ انھيءَ راند جو مقام ۽ درجو وڌي وڃي ٿو. 60-50 واري ڏھاڪن ۾ سنڌ ۾ ملهه راند جو باقاعده عروج وارو دور ھو، انھن ڏھاڪن ۾ رستم سنڌ شير ميربحر جو نالو ھر ڪنھن جي زبان تي ھو ، ھڪ جانٺو جوان، ڪپڙن، بيھڪ ۽ ھاٺيءَ ۾ ڪو موھن جي دڙي جو ماڻهو، وڏيون اکيون، رعبدار، ھلي ته ڌرتي ڌڏي ، ڳالھائي ته دوست خوش لڳن، ۽ دشمن جون دليون دھلجن. شير ميربحر ملهه راند جو اھڃاڻ ۽ سڃاڻپ ھو، ھن ملهه راند کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي، سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ مقام تي پھچايو، ھن نه رڳو سنڌ جي وڏن وڏن ملهه پھلوانن کي شڪست پٺيان شڪستون ڏنيون، پر ھن عالمي ليول تي پرڏيهي ملهه پھلوانن کي به شڪستون ڏئي عالمي فاتح بڻيو ۽ ملهه راند کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو.
اهو ۱۹۵۶ع وارو دور هو، جنهن ۾ هونئن ته ڪيترائي ملهه پهلوان ملاکڙي جي پڙ ۾ زور آزمائي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، پر انهن مان ”شير مير بحر“ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. ملهه لفظ جو بنياد يا ڌاتو آھي. ميل +لهه، ميل معنيٰ گڏجڻ ۽ پاڻ ۾ ملڻ ۽ لهه معنيٰ لاھي تي يا ھيٺ ڀرو- ميل لهه جي ڪثرت استعمال سان، لفظ ملهه بڻجي ويو ۽ ان جي ڪرتب ڪندڙ کي ملهه سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ڌڱ مڙس يا پھلوان ھوندو آھي.
شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ڳوٺ موسيٰ ديري ۾ جنم ورتو ، شير ميربحر پهرين ميلي تي وڏن ملهه پهلوانن کي ملهه ماري ورتي. ميلي تان هر موٽندڙ جي زبان تي صرف “شير” جي ڳالهه ۽ ھاڪ هئي. ان وقت ۾ انب شيدي، هينڊل مڪراني، پڃل مهر، استاد هوشو، دوست محمد ڪلهوڙو، تڳيو ڦل، قلب علي جتوئي، بخشل ڊکڻ، ڪريم بخش شيدي ۽ اقبال جوڳي پهرين جوڙ وارا ملهه پهلوان هئا.

خيرپور ميرس ۾ مير علي نواز ٽالپر پاران غير ملڪي ۽ ملڪي پهلوانن جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ صدر ايوب مهمان خاص هو. انهن ۾ شير ميربحر انڊيا جي گرنام سنگهه، آسٽريليا جي آسٽن ريسلرن کي شڪست ڏني. رستمِ سنڌ، شير ميربحر جا نياز اسٽيڊيم حيدرآباد، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ به ڪيترا ئي ملاکڙا يادگار رهيا.
رستمِ سنڌ شير ميربحر پنهنجي زندگي هن قديم ثقافتي راند ملهه جي خدمت ڪندي گذاري. ملهه سنڌ جي قومي راند آھي، جيڪا وڙائتي، مانائتي ۽ انگائتي راند آھي، جنھن ۾ امن پسندي، انصاف ۽ قرباني جا انگ سمايل آھن. ھن راند جا شرط، اصول، قاعدا ۽ ضابطا سڀ مھذبانه ۽ شريفانه آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو، ھي راند اڄ تائين پنھنجي شان شوڪت سان قائم ۽ دائم آھي ۽ ڪيترن ئي انقلابن اچڻ کان پوءِ به اسان جا ملهه، پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي روايتن کي قائم رکندا اچن ٿا ۽ وقت پئي، پنھنجي فن جو مظاھرو ڪن ٿا. اھڙن ملهه پھلوانن مان علي شير ميربحر جو نالو سرِ فھرست آھي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين ۾، پنھنجي فني صلاحيت مڃرائي چڪو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي. سنڌ جي انمول ھيري رستم سنڌ شير ميربحر جي لاءِ لکيل منھنجو ھڪ شعر آھي.
تاريخ ۾ پيا لکجن “شير” مڙس ارڏا
ھر دل سڏي پئي ، توسان چاھه ماروئڙن جو.
سٽون (سرمد ملاح)
شير ميربحر، سنڌ جي پھلوانن جو مُک ھو. ھو ملاکڙي جي مرڪ ۽سونھن ھو. ملهه جي فني نقطئه نگاھ کان، سھڻو ملهه اھو آھي جو افعالين به سھڻو ھجي ۽ انگين به سھڻو ھجي. افعالين معنيٰ ڪپڙين لٽين، شڪل شبيھ، بُت، سڊول ۽ سھڻو ۽ انگين جو مطلب آھي، ملاکڙي ۾ گھڙي ته ملهه وڙھڻ لاءِ اڳواٽ تيار ھجي ۽ ڪنھن جي چؤ چوا تي نه اٿي. جڏھن وڙھي ته خوشي سان، ھڪ ڪلھو ڏي ۽ ٻيو وٺي ۽ ملھ وڙھڻ وقت، ساٿيءَ سان کوٽ ۽ ٺڳي نه ڪري. ھٿن وجھڻ کان پوءِ، بيھي نه ۽ ھڪجھڙي پھلوان کي پنھنجو ڪري وڃي ماري. شير ميربحر ۾، اھي سڀ خوبيون موجود ھيون. ھن کي ملهه جو شوق سندس چاچي پيرل خان ميربحر ڏياريو. ھن جي ملهه جو استادپھلوان لقمان خشڪ ھو. شير علي ٽئين جوڙ کان ملهه وڙھڻ شروع ڪئي. سندس پھرين ملهه محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي ھڪ ملاکڙي ۾ ٿي ۽ پوءِ ھو لاڳيتو، ملهه وڙھندي ٻن سالن اندر ٻئي جوڙ ۾ پھتو. ھڪ سال ۾ ٻئي جوڙ جي سڀني ملھن کي دسي، پھرين جوڙ ۾ پھتو. پھرين جوڙ لاءِ ھن لالا نواز علي پٺاڻ کي استاد ڪيو. شير ميربحر 30 سالن جي ڊگھي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست پھلوان رھيو. ھن ان عرصي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي پھلوانن کي شڪست ڏئي، ملهه جي فن ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھن کي پھريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾، نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش خان ڀٽي ڏنو. ھن جا ڪيترائي يادگار تاريخي مقابلا آھن، جن مان ٽي مقابلا مشھور آھن. پھريون ھالا دنگل، جنھن ۾ چيڪو سلاويه جي پھلوان جارج زيڊسڪو کي شڪست ڏيئي ملڪ جو نالو مٿاھون ڪيو. ان کان پوءِ، ھن ھندوستان جي مشھور پھلوان گرنام سنگهه کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ زبردست تاريخي شڪست ڏيئي، ماري مڃايو. سندس ٽيون يادگار مقابلو، لکي بنگلي خيرپور ۾ ٿيو، جنھن ۾ ھن ٽن پھلوانن کي ھڪئي وقت شڪست ڏني. جنھن تي ان وقت صدر ايوب خان، خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون، داد ڏنو ۽ نقد انعام به ڏنائين. ان کان سواءِ ھن پنجاب، بھاولپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد جي ڪيترن ئي پھلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماري مڃايو. ھن جي ھيءَ عادت ھئي ته، جي پھرين ملهه ۾ ڪرندو ھو ته ٻانھين ۾ نه وھندو ھو، پر ميدان ۾ ئي پنھنجي مدمقابل جو انتظار ڪندو ھو ۽ قدم قدم گھمندو رھندو ھو ۽ پوئين ملهه دسي، پوءِ دم پٽيندو ھو. ان ڪري چونداھئا ته “پوئين ملهه شير جي آھي.” سندس بھادري ۽ ملهه ۾ سرسي ڏيکارڻ تي، سنڌ جي عوام کيس رستمِ سنڌ ۽ شير جا خطاب ۽ القاب ڏنا. ايوب خان به کيس چيو ھو ته “تون واقعي شير آھين”شير ميربحر، ساري زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اھو ھن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آھي، جو ملهه کي اڄڪلھ سنڌ جي “قومي راند” تسليم ڪيو ويو آھي ۽ ٻاھرين دنيا کان پھلوان ھت ملهه وڙھڻ اچن ٿا. شير جي ذاتي ڪوششن سان، ڪراچيءَ ۾ ھڪ شاندار ملاکڙو ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي ھر قدم تي ھو جدوجھد ڪندو رھيو. سندس انھن ڪوششن کي ڏسندي، 1974ع ۾ کيس حڪومت طرفان، ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو ملهه جي مقابلن جي نگراني ڪندو ھو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو ھو.شير ميربحر 28 مارچ 1985ع ۾، بڪين جي بيماريءَ سبب ھي فاني جھان ڇڏيو.










