عزيز ميمڻ جي قتل خلاف قومي اسمبلي ۾ هنگامون، سڄي سنڌ ۾ احتجاج

عزيز ميمڻ جي قتل خلاف قومي اسمبلي ۾ هنگامون، سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) محرابپور جي سينئر ۽ بيباڪ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف قومي اسمبلي مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ زبردست گرما گرمي به نظر آئي. عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ اڻ ڌري جاچ لاءِ پارليمان جي ڪميٽي جوڙڻ، ايف آءِ اي يا جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جي مطالبن سان گڏ چيف جسٽس گلزار احمد کان سوئو موٽو نوٽيس وڄڻ جا مطالبا به ٿيندا رهيا. بلاول ڀٽو صحافي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته صحافين جي تحفظ جي معاملي ۾ مصلحت جو شڪار نه ٿينداسين.

عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ صهافي برادري جا احتجاجي مظاهرا ۽ قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعربازي ڪئي وئي. صحافين ۽ وفاقي وزيرن عزيز ميمڻ جي قتل جو الزام پيپلز پارٽي تي لڳائي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جاچ لاءِ پارليماني ڪميٽي ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي اهو چئي مخالفت ڪري ڇڏي ته سنڌ حڪومت کي وفاق ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي.

Journalist protest in Sukkur against killing of Aziz Memon

عزيز ميمڻ جي قتل خلاف قومي اسمبلي مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو ته انساني حقن واري وزير شيري مزاري چيو ته صحافي چون ٿا اڻ ڌري جاچ ڪرايو ڇا اپوزيشن وارا پارليماني ڪميٽي يا جي آءِ ٽي جوڙڻ جي حمايت ڪري ٿي، اسپيڪر اسد قيصر، پي پي اڳواڻ راجه پرويز اشرف کان ان بابت راءِ معلوم ڪئي ته هن مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي وفاق يا اسين هتان ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته سنڌ جي آءِ جي پوليس جي بدلي نه ٿيڻ سبب پوليس غير فعال آهي ۽ ڪم نٿي ڪري ۽ حالت اها آهي ته اسانجي ايم پي اي کي قتل ڪيو ويو پر پوليس ان کي تحفظ نه ڏنو. جنهن تي سائنس ۽ ٽيڪنولوجي واري وزير فواد چوڌري چيو ته مقتول صحافي جو ويڊيو بيان وجود آهي جنهن ۾ هن پيپلز پارٽي وارن جي قتل ڪرڻ جي ڌمڪين جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڌر آهي اهي جاچ نٿا ڪري سگهن، جاچ وفاقي حڪومت ڪري يا پارليماني ڪميٽي جوڙيو.

ان کان اڳ هن جاري ڪيل بيان ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سوئو موٽو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. بين الصوبائي کاتي جي وزير فهميدا مرزا چيو ته صحافي جي قتل تي سياست نه ڪريو. جنهن تي حڪومت چيو ته ان معاملي بابت قانون واري وزارت کان راءِ وٺي فيصلو ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين به وفاقي حڪومت جي مطالبي جي حمايت ڪئي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي پاسي صحافتي تنظيمن جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ڊگهڙي، سامارو، نئون ڪوٽ، ڪلوئي، بينظيرآباد، نوشهروفيروز، دريا خان مري، پڊعيدن، دادو. ميهڙ، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، ميور خان، پکو، وڳڻ، قمبر، شهداد ڪوٽ، شڪارپور، ھڙهي ياسين، سانگهڙ، ڪنڊياري، پيرونمل، ورڪشاپ، سڪرنڊ، قاضي احمد، مٽياري، ڪنڊيارو، خانواهڻ، محرابپور، هنڱورجا، راڻيپور، خيرپور، ڪنب، بوزدار وڏا، ٺري ميرواهه، فيض گنج، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، مريد شاخ، سکر، صالح پٽ، روهڙي، پنوعاقل، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، گڊو، غوثپور، جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ٺل ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

Journalist protest in Keti bandar, Garho against killing of Aziz Memon

صحافين مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ياد رهي ته صحافي عزيز ميمڻ بلاول ڀٽو زرادري جي ٽرين مارچ دوران خبر ڏني هئي ته سندس استقبال لاءِ ڪرائي جي آندل ماڻهن احتجاج ڪيو  هو ته کين واعدو ڪيل اجرت ناهي ڏني وئي.جنهن بعد نوشهروفيروز جي هڪ اسمبلي ميمبر، ايس ايس پي نوشهروفيروز، سنڌ پوليس ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي موتمار ڌمڪين جو الزام لڳايو هو. هن اسلام آباد ۾ احتجاج به ڪيو هو ۽ وزيراعظم سان ملاقات به ڪئي هئي جنهن کيس تحفظ جي خاطري ڪرائي هئي. عزيز ميمڻ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويل هو ۽ سندس ڪيمرا مين ڇڏڻ ويو هو جنهن بعد سندس ڳڄي ۾ مائيڪ واري تار سان گهٽا ڏئي قتل ٿيل لاش ڳوڌو شاخ مان مليو هو. ڪيمرا مين گرفتار آهي جنهن پوليس کي متضاد بيان ڏنا آهن. وڌيڪ ڪا به پيش رفت ناهي ٿي. بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد شاهه سومر تي نوشهروفيروز ضلعي ۾ فاتحه لاءِ دورو ڪيو پر صحافين جي ممڪنه احتجاج سبب کين نه سڏايو. عزيز ميمڻ کي هزارين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو جتي جنازي نماز ۾ صحافين سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو