عزيز آباد ۾ شهري جي فائرنگ ۾ ڦورو ماريو ويو، 3 فرار

عزيز آباد ۾ شهري جي فائرنگ ۾ ڦورو ماريو ويو، 3 فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عزيز آباد علائقي ۾ هڪ شهري جي گولي لڳڻ سبب هڪ ڌاڙيل مارجي ويو.پوليس موجب، عزيز آباد ۾ گلشن شميم ويجهو هڪ هوٽل ۾ چار ڌاڙيل شهري کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته هڪ شهري ڌاڙيلن تي فائرنگ ڪري ڏني.شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٽي ڌاڙيل فرار ٿي ويا. بعد ۾، سخت زخمي ڌاڙيل اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو.پوليس موجب، فوت ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ شهزاد جي نالي سان ٿي آهي، جنهن خلاف بلال ڪالوني ۽ سرجاني ٿاڻن ۾ ڪيس پڻ داخل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو