عروب جتوئي جي موبائل جي فارنزڪ ڪرائڻ واري درخواست منظور

عروب جتوئي جي موبائل جي فارنزڪ ڪرائڻ واري درخواست منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ جوا ايپ پروموشن ڪيس ۾ عروب جتوئي جي موبائل فون جي فارنزڪ جاچ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
ايڊيشنل سيشن جج منصور علي قريشي جوابدار دڪي ڀائي جي زال عروب جتوئي جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر درخواست ڪئي ته عروب جتوئي جي موبائل فون جي فارنزڪ جاچ لاءِ وقت ڏنو وڃي.عدالت اين سي سي آءِ اي جي جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت ۾ جوابدار جي وڪيل چيو ته موبائل فرانزڪ رپورٽ هڪ يا ٻن هفتن ۾ نه ايندي، ۽ رمضان کان پوءِ تاريخ ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو