عرب شڪارين جي گاڏي جو ويگن سان ٽڪر 8 زخمي

ڪشمور (جي ايم کوسو ) سنڌ جي دنگائي پنجاب جي ضلعي راڄنپور جي عمر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عرب شڪارين جي سڪيورٽي گاڏي مسافر ويگن سان آمھون سامھون ٽڪرئجي وئي. عمرڪوٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ريسڪيو 1122 وارن کي گھرائي زخمين کي تعلقه اسپتال روجھاڻ کڻائي آيا، جتي زخمين جو علاج ھلندڙ آهي. تعلقه اسپتال جي ايم ايس موجب زخمين جي حالت خطري کان ٻاھر آھي زخمين ۾خليل احمد، وشل، عبدالقيوم، نواز، حبيب الله ، سليمان ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين جو تعلق  روجھاڻ شهر سان آهي. هو  راڄن پور وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو . پوليس عربن جي گاڏي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي. ياد رهي ته هن علائقي ۾ متحده عرب امارات جا شيخ شهزادا تلور جي شڪار تي اچڻا آهن سندن سيڪورٽي واري ايڊوانس پارٽي علائقي ۾ پهتل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو