عرب امارات ريفائنري منصوبي ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپ ڪندو

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان ۾ مقرر متحده عرب امارت جي سفير حماد عبيد ابراهيم سليم الزابيءَ عرب نيوز کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو آهي ته سندس ملڪ هن سال جي آخر ۾ پاڪستان جي آئل ريفائنري منصوبي ۾ 05 ارب ڊالرن جي سيڙپاڪري ڪندو. اماراتي سفير جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو ابوظهبيءَ جي مبادله پيٽروليم ڪمپني، پاڪ عرب ريفائنري لميٽيڊ (پارڪو) ۽ او ايم وي (او ايم وي پاڪستان ايڪسپلوريشن جيسلشافٽ) وچ ۾ 05 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ تي ٻڌل ٺاهه جي نتيجي ۾ ٺهيو آهي. انهيءَ منصوبي بابت مبادله پيٽروليم ۽ پاڪستان جي پيٽروليم وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي جنهن ۾ پارڪو ۽ او ايم وي به شامل رهيا. اماراتي سفير جو چوڻ آهي ته انهيءَ منصوبي سان پاڪستان ۽ يو اي اِيءَ جي گهرن ۽ ويجهن لاڳاپن جي ثابتي به ملندي. واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن پاڪستاني معيشت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ 03 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکڻ جو به اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو