ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري ٿي ويو، ڪراچي جي عدالت عذير بلوچ کي لياري جي ٿاڻن تي حملن ۽ گاڏيون ساڙڻ وارن ٻن ڪيسن ۾ شاهديون نه ملڻ تي آزاد ڪيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، عذير بلوچ هيل تائين 17 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي.










