عدنان سميع خان جو وڏو سرپرائز

عدنان سميع خان جو وڏو سرپرائز

ممبئي (ويب ڊيسڪ)مشهور گلوڪار عدنان سميع خان گذريل هفتي الوداع چئي مداحن کي وڏو سرپرائز ڏئي ڇڏيو. گذريل هفتي گلوڪار عدنان سميع خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تان پنهنجون سموريون پراڻيون پوسٽون ڊيليٽ ڪري الوداع چئي مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هن هڪ ٻي پوسٽ پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ گلوڪار پنهنجي نئين گيت جو ٽيزر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ميوزڪ ٽيون کي الوداع چيو ويو آهي ۽ ان جي ڪيپشن پڻ ڏنو آهي ته هي منهنجو الوداع چوڻ جو طريقو آهي. عدنان سميع خان جا مداح جيڪي گلوڪار جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي موجود سموريون پوسٽون ڊليٽ ڪري کيس الوداع چوڻ کان پوءِ پريشان ٿي ويا هئا، هاڻي سندس سرپرائز وڊيو ڏسڻ کانپوءِ گلوڪار لاءِ پنهنجي خوشي ۽ محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو