عدم تحفظ جو شڪار عورتون وقتي محبت کي حقيقي سمجهي قبول ڪنديون آهن

عدم تحفظ جو شڪار عورتون وقتي محبت کي حقيقي سمجهي قبول ڪنديون آهن

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪاره قدسيه علي چيو آهي ته جيڪي عورتون ننڍپڻ ۾ والدين جي ڀرپور محبت ۽ توجهه کان محروم رهن ٿيون، اهي اڳتي هلي سخت عدم تحفظ جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ ڪنهن به مرد پاران مليل وقتي محبت کي حقيقي سمجهي پنهنجي زندگي برباد ڪنديون آهن. هڪ ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪاره پنهنجي ماضيءَ جي تجربن جو ذڪر ڪندي چيو ته مان پاڻ به ماضي ۾ ان احساس مان گذري چڪي آهيان پر وقت سان گڏ پاڻ تي ڪم ڪري پاڻ کي بهتر بڻايو. ان موقعي تي اداڪار عباس اشرف اعوان چيو ته مردن ۾ خودپسندي ۽ برتري جو احساس گهڻو ڪري والدين جي تربيت جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، جيڪي پٽن کي ڌيئن تي فوقيت ڏيندا آهن. هن مطالبو ڪيو ته والدين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن جي هڪ جهڙي تربيت ڪن ته جيئن معاشري ۾ ناڪاري رويي جو خاتمو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو