ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي اسمبلي ۾ سڀاڻي آچر تي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي. جڏهن ته پنجاب اسيمبلي سڀاڻي نئين وڏي وزير جي چونڊ ڪندي.پنجاب جي گورنر وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اسيمبلي جو اجلاس گهرايو هو جيڪو سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. اپوزيشن پاران حمزا شهباز کي وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان جو اميدوار آهي. پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ٽن گروپن ۾ ورهايل آهي. جهانگير ترين ۽ عليم خان حمزا شهباز جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اپوزيش قومي اسمبلي ۾ 174 ميمبر شو ڪري چڪي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 22 منحرف ميمبرن سميت اپوزيشن کي 196 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ 172 ووٽ گهربل آهن. وزيراعظم پنهنجي پارٽي ميمبرن کي اجلاس ۾ اچڻ کان روڪيو آهي، عمران خان پاڻ به شرڪت نه ڪندو پر هن پارٽي جي اهم ميمبرن جي هڪ ٽيم ٺاهي آهي جيڪا عدم اعتماد جي ڪاروائي جي قومي اسمبلي ۾ مانيٽرنگ ڪندي. وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ کيس 3 آپشن ڏنا هئا، جن ۾ استعيفا ڏيڻ، عدم اعتماد جو مقابلو ڪرڻ ۽ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺڻ تي جلد چونڊ ڪرائڻ شامل آهن.










