اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عدم اعتماد واري ڏينهن پارليامينٽ هائوس، ايم اين اي لاجز ۽ پراڻي ايم اين اي هائوس رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن ڪو به اهڙو واقعو پيش نه اچي جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن وٽ 172 ووٽر ناهن ان ڪري اهي اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن، مان پوري يقين سان چوان ٿو ته وٽن 172 ميمبرناهن، ڪالهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان به وڙهندو رهيو. اينڪر شاهزيب خانزاده سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته توهان ڪير آهيو اسان کان پڇڻ وارا ته ووٽ نه آهن. شيخ رشيد چيو ته ”هي ماڻهو بي اعتمادي کان ڀڄڻ ۽ بي اعتمادي کان نجات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا،“. هن چيو ته مان خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي آهي ته انصار الاسلام جو ڪو به ميمبر يونيفارم ۾ اسلام آباد نه اچي، اسان ان کي نه ڇڏينداسين، اسان مردان ۽ نوشهره ۾ به ڪارروائي ڪئي آهي، هنن کي 172 ميمبر آڻڻا آهن پر اوهان مليشيا آڻي ڪهڙو تاثر ڏيڻ چاهيو ٿا؟ شيخ رشيد چيو ته سڀ کان وڌيڪ خطرو مولانا فضل الرحمان ۽ شيخ رشيد کي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ سينيٽرن ۽ ايم اين ايز سميت 362 خاندان رهن ٿا، مان دهشت پکيڙڻ نه ٿو چاهيان پر اسان وٽ سٺي ڄاڻ آهي ته اسان بهارا ڪهو مان هڪ گروهه کي پڪڙيو آهي جيڪو اسلام آباد ۾ دهشتگردي ڪرڻ چاهي ٿو.










