عدالت ۾ حاضري تي آيل عورت دل جي دوري سبب فوت

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) سيشن ڪورٽ بدين ۾ تاريخ تي آيل 50 سالن جي عورت بچلان پھوڙ سيڙھيون چڙھندي ھارٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي پٽ جميل پھوڙ  ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته با اثر ماڻھو جي چوڻ تي ٽنڊوغلام علي پوليس منهنجي پيرسن امڙ تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن جي اڄ سيشن جج بدين جي عدالت ۾ تاريخ رکيل هئي۔هن چيو ته منهنجي امڙ ڪوڙي ڪيس جي صدمي ۾ دل بيهڻ ڪري فوت ٿي وئي آھي۔ هن چيف جسٽس آف پاڪستان۔ آئي جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته منهنجي بيگناھ مرحومه امڙ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو