عدالت پي اي سي کي شهزاد سليم خلاف خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

عدالت پي اي سي کي شهزاد سليم خلاف خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) کي ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان اڳوڻي چيئرمين نيب جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد کي خاتون طيبه گل جي سنگين الزامن بعد طلب ڪري ورتو آهي.جڏهن ته ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد طيبه گل جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي نه رڳو کيس هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو پر پي اي سي جي طلبي نوٽيس کي به چئلينج ڪيو.هاڻ ڊي جي نيب سليم شهزاد جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي سليم شهزاد خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو پي اي سي جي ڪارروائي تي اسٽي آرڊر نه پيا ڏئي رهيا آهن پر قدم کڻي رهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو