لاهور(ويب ڊيسڪ)مقامي عدالت وزيراعظم جي سياسي رابطن بابت خاص مددگار شهباز گِل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج حافظ حسنين اظهر شاهه نجي ڪمپني پاران شهباز گل خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شهباز گل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس پهرين نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ 30 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جي لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته شهباز گل جي معافي جي درخواست منظور ڪئي وئي پر سندس نمائندا عدالت ۾ پيش نه ٿيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. واضح رهي ته خانگي ڪمپني وڪيل ميان علي اشفاق ذريعي شهباز گل خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. درخواستگذار ڪمپني جو چوڻ آهي ته شهباز گل خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڪمپني تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا جڏهن ته جوابدار ڪمپني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ لاهور ميٽرو بس جو ٺيڪو ڏيڻ واري بيان تي ڪمپني شهباز گل خلاف هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي هئي.










