عدالت هاڻ دروازن ۽  کڙڪين جا مسئلا حل ڪندي:فائز عيسيٰ

عدالت هاڻ دروازن ۽ کڙڪين جا مسئلا حل ڪندي:فائز عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيتن جي تڪرار بابت ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته پاڙيسرين جا به حق آهن، ڇا سپريم ڪورٽ درٻار ۽ درگاهن جو مسئلو حل ڪندي؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن ۾ دروازن ۽ درگاهن جي معاملي تي ڪيستائين وڙهندا رهندا؟هن چيو ته جيستائين ذهن صاف نه ٿيندا مسئلا هلندا رهندا، دنيا ۾ دوست تبديل ٿي سگهن ٿا، پاڙيسري ۽ مائٽ تبديل نٿا ٿي سگهن، تڪرارن کي باهه ڏيڻ بدران ختم ڪرڻ گهرجي.عدالت ڌرين کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو