عدالت منهنجو پوليس طلبي نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو:شيخ رشيد

عدالت منهنجو پوليس طلبي نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو:شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته عدالت منهنجو پوليس سمن نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عدالت آءِ جي اسلام آباد کي 6 تاريخ تي طلب ڪري ورتو آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته عدالت چيو آهي ته نوٽيس جو ڪو جواز ناهي.ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي شيخ رشيد جي پوليس کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد پوليس اسٽيشن سمن خلاف پنهنجي درخواست تي ٻڌڻي دوران وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪيو ته اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو وڃي جيڪو 6 فيبروري تي رڪارڊ تي پيش ٿيندو، جسٽس طارق محمود جهانگيري شيخ رشيد جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو