جبري پورهيو: بٺي مالڪ جي گرفتاري جو حڪم

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) ايڊيشنل سيش جج سيد اڪرام الرحمٰن جبري پورهيو ڪرائڻ تي بٺي مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم متاثره خاندان جي سربراهه صاحب اوڏ جي درخواست تي جاري ڪيو آهي. وڪيل ثاقب ڪلهوڙو معرفت داخل درخواست ۾ چيو آهي ته هڪ ئي گهر جا 11 پورهيت ڀاتي، جن ۾ طالب، جاويد، الهوڌايو، ميانداد، راهب، شمشير، سندس گهرواري دادلي، نهن پروين ۽ معصوم ڏوهٽيون 6 سالن جي ثمينا ۽ 4 سالن جي تهمينا شامل آهن، کي گذريل اڍائي سالن کان شاهپور چاڪر ۾ سرن جي بٺي جي مالڪ پٺاڻ شير جمال، بارڪ الدين پٺاڻ ۽ ديوان اوڏ قيد ڪري رکيو هو جتان هو وجهه وٺي ڀڄي نڪتا. هن وڌيڪ چيو ته بٺي جا مالڪ ساڻن وڏو ظلم ڪندا هئا، کين زنجيرن ۾ ٻڌي پورهيو ڪرايو ويندو هو ۽ رات جو به مٿن پهرو ڏنو ويندو هو، هر ننڍي وڏي ڳالهه تي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو. هن چيو ته هاڻي بٺي مالڪ کين اغوا ڪرڻ لاءِ ڳوليندا رهن ٿا. هن عدالت کي ٻڌايو ته بٺي جي مالڪن ڏانهن سندس گهر ڀاتين جي پورهيي جا 2 لک روپيا به رهيل آهن ۽ جوابدارن وري ڪوڙا کاتا ٺاهي سندس خلاف قرض ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ قرض عيوض کين ٻيهر قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن عدالت کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ بٺي مالڪ ڏانهن رهيل قرض واپس ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او نوشهروفيروز کي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو