ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جا فارم هائوس ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته 23 فيبروري تائين حليم عادل شيخ ۽ ٻين جا فارم هائوس نه ڊاهيا وڃن، ملير ۾ آپريشن دوران مزاحمت تي حليم عادل شيخ خلاف 2 ڪيس به داخل ٿيل آهن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي ڪرسي خطري ۾ نظر آئي ته مونکي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو.










