لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 108 ۽ اين اي 118 تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ۽ اعجاز شاهه جي درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ٻنهي تڪن ۾ 28 مئي تي ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون، فرخ حبيب ۽ اعجاز شاهه چونڊون روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون.










