عدالتي فيصلي کانپوءِ عمران خان لائحه عمل جو اعلان ڪندو: اسد عمر

عدالتي فيصلي کانپوءِ عمران خان لائحه عمل جو اعلان ڪندو: اسد عمر

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عمران خان عدالتي فيصلي کانپوءِ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته مستقبل جا فيصلا عوام جي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجن. اسد عمر چيو ته ماڻهن جا فيصلا بند ڪمرن ۾ ويهي نه ٿيڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو جلدايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو