دادو (ادل مهيسر) عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري عورت جي لاش جا جزا ورتا ويا. ٽي مهينا اڳ سول اسپتال جي گائني وارڊ ۾ عورت راڻي چانڊيو جي ويم دوران ٻار سميت فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاء عدالتي حڪم تي سول جج امتياز شاهه جي نگراني ۾ ميڊيڪل بورڊ ڳوٺ سيال پهچي عورت جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا. فوتي عورت جي پٽ رحيم بخش جي فرياد تي اسپتال عملي خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن والده جي فوت ٿيڻ جو ذميوار سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي قرار ڏنو هو.










