عدالتي حڪم تي سکر پريس ڪلب سيل، صحافين روڊ تي ڪيمپ قائم ڪري ورتي

سکر(ن س) عدالتي حڪم تي ميونسپل جي عملي سکر پريس ڪلب جي عمارت کي تالو هڻي سيل ڪري ڇڏيو. صحافين ڪا به مزاحمت نه ڪئي ۽ چيو ته هو عدالتي حڪم جو احترام ڪن ٿا ۽ ان لاءِ هو قانوني رستو اختيار ڪندا. صحافين جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ موجب ته هو پريس ڪلب جي ڀر ۾ روڊ تي تنبو هڻي پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائيندا. هن چيو سڀ صحافي دوست تنبو مان ڪم ڪار هلائيندا. پريس ڪلب سيل ٿيڻ بعد اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه صحافين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڪيمپ ۾ پهتو ۽ ساڻن مڪمل سهڪار جي پڪ ڪرائي. صحافين سندس ٿورا مڃيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو