سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ايڊيشنل سيشن جج ٺري ميرواهه جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواهه عبدالغفور ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ پوليس درگاهه پير سيد محسن علي شاهه بخاري جي پلاٽ ۽ قبرستان تي ٿيل قبضي خلاف ڪارروائي ڪندي فتح محمد چنو ۽ ٻين پاران ڪيل قبضي واريون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون. ان ڏس ۾ اي سي ميرواهه ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي درگاهه جي پلاٽ رستي ۽ قبرستان تي ٿيل ناجائز قبضن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته درگاهه جي متولي فقير هادي بخش چنو ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن درگاهه جي قبرستان جي هڪ حصي ۽ پلاٽ سميت رستي تي قبضو ڪري گهر اڏي ڇڏيو هيو جنهن سان قبرستان جو تقدس پائمال ٿي رهيو هيو ۽ پڻ ڳوٺ ڏانهن اچڻ وڃڻ وارو رستو بند ٿي ويو هيو جنهن خلاف عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هيو جنهن جي حڪم تي اڄ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.










