عدالتي حڪم، پوليس تي ڦرجوڪيس هلايو، جواري آزاد

عدالتي حڪم، پوليس تي ڦرجوڪيس هلايو، جواري آزاد

نوشهروفيروز)ڊ ر) ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن جي عدالت هڪ شهري جي درخواست تي ڦر جي ڏوهه ۾ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ درياخان مري سميت 6 پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي پاسي سول جج عدم ثبوت جي بنياد تي 8 جوارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايديشنل سيشن جج آڏو وسيم عباس وڳڻ، ايڊووڪيٽ نديم شرمعرفت داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته مان، الهه رکيو ۽ جان محمد ڳوٺ کان درياخان مري اچي رهيا هئاسين ته رستي تي پوليس اهلڪارن اسان کي بيهاريو جتي موجود ايس ايڇ او مجيب الرحمٰن ناريجو، اي ايس آءِ مغل سيال ۽ 4 نامعلوم پوليس اهلڪارن اسان کان ساڍا 26 هزار روڪ ۽ هڪ عدد راڊو گهڙي ڦر ڪرڻ بعد ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته ڪنهن کي دانهن ڏني ته توهان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او مجيب الرحمٰن ناريجو، اي ايس آءِ مغل سيال ۽ 4 نامعلوم اهلڪارن تي عدالت ۾ سڌو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ٻڌايو. ٻئي پاسي سيڪنڊ سول جج حيدر علي ڀيو جي عدالت  جوا کيڏڻ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 8 جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

درياخان مري ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جوابدار فاروق عرف ڪالو وڳڻ، ذوالفقار وڳڻ، الهبچايو وڳڻ، محمد اسلم، فدا حسين، قربان علي، عبدالرحمٰن ۽ شاهنواز درياخان مري لڳ ڳوٺ ڪالو وڳڻ ۾ جوا کيڏي رهيا هئا ته پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا. اڄ اهڙي ڪيس جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل نديم شر پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته منهنجي اصيلن اهڙو ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو ۽ سندن مٿان داخل ڪيل ڪيس ڪوڙو آهي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد جوبدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو