اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته قانون ۾ پابندي جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن ائين ڪندا ته عدالتون موجود آهن، ان ڪري حڪومتي فيصلي تي عمل ٿيڻ نه ڏينداسين.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته اهڙو ڪو به قانون ناهي ته حڪومت ڪنهن پارٽي کي پسند نه ڪرڻ تي پابندي لڳائي سگهي، جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي ڪنهن دشمن ملڪ سان ڪم ڪري ته ان تي سپريم ڪورٽ کان اجازت وٺي سگهجي گهربل آهي.سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ جا فيصلا هميشه ڪنهن جمهوري حڪومت نه پر آمرن ڪيا آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته قانون ۾ پابندي جي ڪا گنجائش ناهي ۽ جيڪڏهن هو ائين ڪندا ته عدالتون موجود آهن، ان ڪري حڪومتي فيصلي تي عمل ٿيڻ نه ڏينداسين.بئريسٽر علي ظفر وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 6 جي ڳالهه ڪندڙن شايد قانون نه پڙهيو هوندو، آرٽيڪل 6 جو ڪيس نٿو ٿي سگهي.پارليامينٽ ۾ ٺاهيل قانون کي به عدليه آئين جي خلاف چئي رهي آهي، ڇا انهن ميمبرن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو؟هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ ڌڪ لڳڻ بعد هاڻي سپريم ڪورٽ جو فيصلو تبديل نه ٿيندو، حڪومت توشه خاني جو ٻيو ڪيس کڻي آئي آهي.پي ٽي آءِ جي باني خلاف سمورا ڪيس بند ڪيا ويندا.










