عبدالله ڳوٺ جي متاثرن جو لاڳيتو احتجاج جاري،ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

عبدالله ڳوٺ جي متاثرن جو لاڳيتو احتجاج جاري،ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي غازي عبدالله شاه ڳوٺ E بلاڪ متاثرن جي تحريڪ هڪ مهيني کان لڳاتار جاري .عبدالله شاه غازي ڳوٺ E بلاڪ کي ڊاهڻ لاء ٿيل ڪاروائين دوران پوليس هٿان سڌيون گوليو ۽ آسو گئس شيل لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاء متاثرن ڌر طرفان ڊي جي آء ايسٽ کي ڏنل درخواست ايس پي سهراب ڳوٺ شعيب ميمڻ درخواستگذارن کي گهرائي ورتو پر معاملي جي اڳ هلندڙ انڪوائري جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي متاثرن جي ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي متاثرن طرفان انصاف لاء عدالت ۾ وڃڻ ۽ حقن جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان . ان ڏس ۾ عبدالله شاه غازي ڳوٺ E بلاڪ جي متاثرن طرفان ڪالهه 30 هين ڏينهن به ڪئمپ تي جدوجهد جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي . متاثرن جي احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو. ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ محبوب عباسي. الطاف ميمڻ .مخدوم شمس .عنايت کٽياڻ .محمد کوکر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالله غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رهواسين کي مالڪاڻه حق ۽ تحفظ جي ضمانت نه ملڻ تائين پر امن جدوجهد جاري رهندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته غازي عبدالله ڳوٺ کي ڊاهڻ لاء پوليس ۽ اينٽي انڪروجمينٽ اهلڪارن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي سندن معطلي ڪجه به ناهي ڇاڪاڻ ته انهن سسٽم مافيا جي ونگار تي اسان جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن مٿان اهڙي ريت سڌيون گوليون ۽ آسو گئس شيلن سان حملو ڪيو جهڙوڪ وڏي خطرناڪ دهشتگردن سان مقابلو هجي سوشل ميڊيا پوليس جي ظلم ۽ جبرکي دنيا آڏو وائکو ڪري ڏيکاريو ان بعد سنڌ سرڪار معاملي جو نوٽيس وٺي روينيو .پوليس ۽ اينٽي انڪروجمينٽ جي ڪجهه اهلڪارن کي معطل ڪيو پر انهن جي سنگين دهشتگردي تي رڳو معطلي ڪجهه به ناهي جيستائين انهن خلاف ڪيس داخل ڪري عبدالله شاه ڳوٺ E بلاڪ کي ليز نه ڪيو ويندو احتجاجي تحريڪ کي برقرار رکيو ويندو. ٻئي طرف عبدالله غازي ڳوٺ تي ٿيل پوليس گردي واقعي ۾ عورتن مٿان گوليون هلائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء متاثرن ڌر ڊي آء ايسٽ کي درخواست ڪئي وئي هئي جيڪا ڊي آء جي طرفان ايس پي سهراب ڳوٺ شعيب ميمڻ ڏانهن اماڻي ڇڏي جنهن تي ايس پي سهراب ڳوٺ ڪالهه درخواستگذارن آفتاب شاهاڻي. ضمير پٺاڻ ۽ ٻين کي آفيس سڏائي ورتو جتي ايس پي شعيب ميمڻ متاثرن سان انصاف ڪرڻ بدران انهن کي داٻا ۽ دڙڪا ڏيندي کين ڄاڻايل معاملي جي اڳواٽ انڪوائري هلندڙ هئڻ جو جواز ڏئي ڪيس داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي متاثرن جي درخواست کي خارج ڪرڻ لاء ڊي آء جي ڏانهن سفارشي نوٽ لڳائي واپس روانو ڪري ڇڏي ايس پي سهراب ڳوٺ طرفان پوليس اهلڪارن کي بچائڻ واري صورتحال تي متاثرن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پئدا ٿي وئي آهي ۽ متاثرن پاران انصاف لاء عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ٻئي طرف هڪ مهيني کان عبدالله شاه غازي ڳوٺ E بلاڪ متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين جر هلندڙ احتجاج باوجود سرڪاري ڌر جو ڪو به اعلي عملدار توڙي چونڊيل نمائندن انهن وٽ لڙي ناهي آيو جڏهن ته جعلسازي ڪندڙ معطل روينيو جا آفيسر پڻ اڃا تائين اسڪيم 33 جي هيرا ڦيري جي لحاظ کان سوني زمين جي رڪارڊ وارو ڪم هلائيندي سرڪاري رٽ کي چلينج ڪري ڪم هلائين پيا پر انهن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ٿي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو