عبدالله شاھ ڳوٺ انڪروجمنٽ پوليس جي چڙهائي،فائرنگ،شيلنگ،عورتون زخمي

عبدالله شاھ ڳوٺ انڪروجمنٽ پوليس جي چڙهائي،فائرنگ،شيلنگ،عورتون زخمي

ڪراچي ( ن سنڌيار) عبدالله شاھ غازي ڳوٺ تي انڪروجمنٽ پوليس جي وڏن اٽالن ساڻ چڙھائي فائرنگ شيلنگ عورتن مردن سميت ڪيترائي ڳوٺاڻا بيھوش متاثر ڳوٺاڻن پاران روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو پوليس جي لٺبازي علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو خبر موجب ڪراچي جي علائقي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ کي ڊاھڻ خلاف سوين جي تعداد ۾ ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي بلڊر مافيا طرفان انڪروچمينٽ پوليس جي وڏي مشنرين ساڻ ڪري غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ پهچي ڪري احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن مٿان آسون گيس جا فائر ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻن کي بيھوش ڪري وڌو احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي وچ ۾ دير تائين جهڙپون شروع ان موقعي تي پ پ اڳواڻ بشير احمد خاصخيلي پ پ اڳواڻ راشد علي خاصخيلي واقعي واري ھنڌ پھچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين انڪروچمينٽ پوليس جي اھڙي عمل جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا وڌيڪ ھنن چيو ته اسين پنهنجي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت سان ملاقات ڪري عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي رھواسين کي انصاف ڏيارڻ ۾ڀرپور مدد ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو