اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايران پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچڻ تي، پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ ايراني سفير سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني پرڏيهي وزير صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪندو. رپورٽن موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ هن هفتي هندستان جو دورو ڪندو.










