پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان جي پارٽي جا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. عام چونڊن ۾ سمورن تڪن تان پنهنجا اميدوار بيهارينداسين.پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽريز سمورن تڪن تان اميدوار بيهاريندي.هن چيو ته 19 آگسٽ تي نوشهره ۾ جلسي سان عوامي رابطه مهم جي شروعات ڪري رهيا آهيون. مانسهره، ڪوهاٽ، ڊي آءِ خان، سوات، مردان ۽ ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪوٺايا ويندا.اڳوڻي وڏي وزير چيو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جو نعرو امن، ترقي ۽ خوشحالي هوندو. اسان کي رياستي ادارن سان جنگ نه پر انهن کي مضبوط ڪرڻو آهي.










