عامر لياقت جي لاڏاڻي تي سونيا حسين جو وڊيو پيغام

عامر لياقت جي لاڏاڻي تي سونيا حسين جو وڊيو پيغام

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا سونيا حسين ناليواري سياستدان ۽ ميزبان عامر لياقت حسين جي اوچتي لاڏاڻي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. سونيا حسين پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي 10 منٽ 18 سيڪنڊن جو هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن نه رڳو عامر لياقت حسين جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي پر ان سان گڏ انهن تلخ حالتن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي سندس موت کان اڳ کيس پيش آيون. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ سونيا حسين جو چوڻ آهي ته مون کي ڪيترن ڏينهن کان سمجهه ۾ نه آيو ته عامر لياقت جي موت تي ڇا لکان، ڪهڙو پيغام شيئر ڪريان، جڏهن مون عامر لياقت حسين جي موت جي خبر ٻڌي ته منهنجي ذهن ۾ پهريون ڀيرو اهو خيال آيو ته هي ائين هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو