ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.عامر لياقت حسين جي پٽ ۽ ڌيءَ جڊيشل مئجسٽريٽ جي 23 جون جي حڪم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم روڪڻ ۽ درخواست کي فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ عامر لياقت حسين جي ٻارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جو عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ 23 جون تي عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.










