لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملي ۾ ملوث عامر تانبا جي فائرنگ ۾ ڀارت ملوث هجڻ جو شڪ آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس عامر تانبا تي فائرنگ واري واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين پوليس جو شڪ ڀارت تي آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ عامر تانبا کان اڳ به قتل جي 4 ڪيسن ۾ ملوث هو،سندس چوڻ هو ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نه چوڻ بهتر آهي، پر ڀارت جو ساڳيو رويو آهي.گهرو وزير چيو ته بجلي جي قيمت تمام گهڻي آهي، اسان جو اجلاس به اوور بلنگ تي هو، ايف آءِ اي لاهور ان حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي، ليسڪو ۾ 83 ڪروڙ يونٽن جي اوور بلنگ ڪئي وئي، افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت آفيسن ۾ عام ماڻهو اوور بلنگ ڪري رهيا هئا، 300 يونٽن سان غريبن کي به اوور بلنگ جو نشانو بڻايو ويو، اوور بلنگ ختم ٿيڻ تائين مهم بند نه ٿيندي، سڄي پاڪستان ۾ اوور بلنگ جو ڪم شروع ڪيو ويندو.










