مٽياري (رياض چانڊيو )قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مرحوم رسول بخش پليجو جي ويجهي ساٿي سيد عالم جو پوٽو سيد علي مير شاھ جو نوجوان پٽ سيد شايان علي شاھ نسيم نگر چوڪ قاسم آباد وٽ مھراڻ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس هيٺان اچي فوت ٿي ويو . فوتي نوجوان شايان علي شاھ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، جو شاگرد هو نوجوان جي اچانڪ موت تي پوري مٽياري شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.










