عالمي ڪتابي ميلو ايڪسپو سينٽر ۾ 8 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

عالمي ڪتابي ميلو ايڪسپو سينٽر ۾ 8 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پبلشرز ۽ بوڪ سيلرز ايسوسيئيشن پاران 17هون عالمي ڪتابي ميلو 2022 ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ 8 ڊسمبر کان شروع ٿيندو ڪتابي ميلو 12 ڊسمبر 2022 تائين جاري رهندو جنهن ۾ 330 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويندا هن عالمي ڪتابي ميلي ۾ 17 ملڪن جا اٽڪل 40 ادارا حصو وٺي رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان مان 136 نالي وارا پبلشر به پنهنجا اسٽال لڳائيندا ان ڳالهه جو اظهار چيئرمين ايسوسيئيشن عزيز خالد، ڪتابي ميلي جي ڪنوينر وقار متين خان ۽ نائب ڪنوينر ناصر حسين اڱاري تي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو هن ٻڌايو ته هن سال 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي اچڻ جو امڪان اهي سيد سردارعلي شانن خميس 8 ڊسمبر تي عالمي ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪندو جڏهن ته مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي خيالن جواظهار ڪندي ۽ صوبائي وزير اسماعيل راهو اسان جو اعزازي مهمان هوندو سن 2005 کان مسلسل لڳندڙ ڪراچي ۾ بين الاقوامي ڪتابي ميلي کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي تجارتي ميلي جو اعزاز حاصل آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان جا پر ڀارت ترڪي سنگاپور، چين، ملائيشيا، برطانيا، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن جا پبلشنگ ادارا به حصو وٺن ٿا هي ميلي سمورن پبلشرز ڊسٽيبيوٽر، لائبريرينز ۽ صارفين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو ان موقعي تي نديم مظهر، ايم اقبال غازياني، اقبال صالح محمد، نديم اختر، ڪامران نوراني ۽ ٻيا به موجود هئا وقار متين چيو ته هر سال ٿيندڙ هي عالمي ميلو پاڪستان جي لکين شاگردن، والدين، ادبي ۽ تدريسي شخصيتن ۽ مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙن جي خاص ڌيان جو مرڪز رهيو آهي وقار متين هن عالمي ميلي ۾ حصو وٺندڙ پبلشرز جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو جنهن جي ڪري هي ميلو پنهنجي ڪاميابين جو تسلسل برقرار رکي سگهيو آهي ۽ هر سال رڪارڊ ٽوڙ تعداد ۾ ماڻهو ان ۾ شرڪت ڪن ٿا پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان پبلشرز ۽ بوڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عزيز خالد چيو ته اهڙي قسم جا ڪتابي ميلا هاڻي رڳو عام ميلن جي حيثيت نٿا رکن ۽ نه ئي صرف ۽ صرف پبلشرز کي هڪ سادڙو پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا پر موجوده دور ۾ ڪي آئي بي ايف جهڙا ڪتابي ميلا پاڪستان جي هاڪاري رخن کي اجاگر ڪن ٿا عزيز خالد چيو ته ڪي آئي بي ايف جو تازو ايڊيشنز گذريل سمورن ايونٽس جي مقابلي ۾ منفرد هوندو هن چيو ته عالمي ڪتابي ميلي جي ذريعي پيشيوراڻي مهارت ۽ ٻين معاملن جي ڏي وٺ به ٿئي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو