اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عالمي ميڊيا تي سامهون ايندڙ آمريڪي سائفر جي تصديق ڪئي وڃي، جيڪڏهن سائفر جي معاملي ۾ عمران خان ڏوهاري نڪتو ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.رپورٽ موجب پنهنجي بيان ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير آمريڪي سائفر جي معاملي تي چيو آهي ته عالمي ميڊيا تي سامهون ايندڙ آمريڪي سائفر جي تصديق جي لاءِ جاچ ڪئي وڃي.هن چيو ته اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته سائفر جي ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ هئي جيڪا هن واپس به نه ڪئي ۽ ان بابت عمران خان جي اها ڳالهه رڪارڊ تي موجود آهي ته ان کان اها سائفر جي ڪاپي ڪٿي گم ٿي وئي آهي.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين ان سلسلي ۾ ڏوهاري ثابت ٿئي ٿو ته ان جي خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت ڪيس هلائڻ گهرجي.










