عالمي معيار جي ٽريننگ ناهي ڪرائي ويندي:انعام بٽ

عالمي معيار جي ٽريننگ ناهي ڪرائي ويندي:انعام بٽ

برمنگهم (ويب ڊيسڪ)برمنگهم ۾ جاري ڪمن ويلٿ گيمز جي ريسلنگ مقابلي ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي ريسلر انعام بٽ جو چوڻ آهي ته سلور ميڊل گهٽ ناهي.هن چيو ته سيمي فائنل ۾ کيس ڳچيءَ ۾ درد ٿيو پر فائنل ۾ سٺي ويڙهه ٿي.انعام بٽ چيو ته اسان کي ورلڊ ڪلاس ٽريننگ نه ڏني ويندي آهي، رانديگر بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن جڏهن ورلڊ ڪلاس ٽريننگ ۽ دورا هوندا آهن.جيو نيوز سان ڳالهائيندي برانز ميڊلسٽ عنايت الله چيو ته اسان جون سهولتون گهٽ آهن، ٽريننگ پارٽنر به ان معيار جا ناهن.عنايت الله چيو ته وفاق وٽ ايتري بجيٽ ناهي جو اسان کي ٻاهر موڪلي سگهي، حڪومت اسان جو ساٿ ڏئي ته دنيا ۾ قومي جهنڊو بلند ڪري سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو