ڪراچي (ن سنڌيار) سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ مطالبو ڪندي چيو آھي ته عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جو قرض معاف ڪن، موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ وڏو نقصان ٿيوآهي،قرض معاف ڪيا وڃن.منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زراعت،لائيو اسٽاڪ، روڊ رستا، ڊيمز ۽ گھر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، پاڪستان جي معيشت کي به برساتن ۽ ٻوڏ سبب ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ ھو ته قرض معاف نه ڪيا ويا ته متاثر علائقن جا ماڻهو بک وگهي مري ويندا ۽ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا، سنڌ ۾ ڪپهه، کجور، چانور ۽ ڀاڄين سميت اهم فصل تباهه ٿي ويا آهن،برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ڏڪار جو شڪار آهي. منظور وساڻ آفت سبب فصلن کي ٿيل نقصان سبب سنڌ ۾ غذائي خوراڪ جي کوٽ جو به خدشو آهي، ملڪ ۾ آيل غير معمولي ٻوڏ سبب جتي زرعي شين جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، اتي نوان فصل پوکڻ ۾ به ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، پنجاب ۾ چانورن جي فصل ۽ ٻين فصلن کي به نقصان پهتو آهي،سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪمند جو فصل به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، پاڪستان جي زراعت ۽ انفراسٽرڪچر متاثر، خوراڪ جي بحران کان بچڻ لاءِ زرعي شيون درآمد ڪري سگهون ٿا.










