اسلام آباد(بيورو رپورٽ)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر 25 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ 63 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ــ اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينحسين سان سندس آفيس اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيوـ وفاقي وزير شازيه عطا مري عالمي بينڪ جي وفد سان ڳالهائندي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان بينظير نشونما جي تحت 9 لک عورتن لاءِ معياري خوراڪ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ بينظيرنشونما پروگرام تحت هن وقت تائين 25 هزار ڳورھاريون ۽ کير پياريندڙ مائرون فائدو حاصل ڪري چڪيون آهن ـ شازيا مري وڌيڪ چيو ته بينظير ڪفالت پروگرام تحت شفافيت کي نظر ۾ رکندي رقم مستحق خاندانن ۾ ورهائي پئي وڃي جڏهن ته مستحق خاندانن جي معلومات بابت ڊيٽا جي رازداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اولين ترجيح آهي ـ وفاقي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بي آئي ايس پي شازيه مري پاران ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد جي حوالي سان عالمي بئنڪ جي بروقت تعاون کي ساراهيوـ ان موقعي تي عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينحسين پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال کي آفت قرار ڏنو ۽عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايندڙ ڊونر ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي وڌ کان وڌ مالي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.










