عالمي برادري کي افغانستان مان پکڙجندڙ دهشتگردي جي خطري کان آگاهي

ميونخ (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي اسلامي امارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان پنهنجي سرزمين تان ويڙهاڪ گروپن سان وڙهڻ جو عزم نه ڏيکاري ته پاڪستان کان ٻاهر دهشتگرديءَ کي ٻين هنڌن تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي افغانستان مان پکڙجندڙ دهشتگردي جي خطري کان آگاهه ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اصل مسئلو افغانستان جي سلامتي ۽ دهشتگردي جو خطرو آهي، افغانستان کان ٻاهر هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگرد تنظيمن جو وڏو انگ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو