عالمي برادري ڪشمير ۽ افغان مسئلي لاءِ فوري اپاءَ وٺي، قريشي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  پاڪستان چاهي ٿو ته عالمي برادري افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ  ڪوششون تيز ڪري. پناهگيرن جي  عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي.ڪورونا وبا  سبب عوامي صحت، سماجي ۽ معاشي چيلنجن جي حوالي سان اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. موجوده چيلنجز ، تشدد ۽ تڪرار، بي گهر ماڻهن جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي مختلف تڪرارن جي شڪار معاملن جو جائزو وٺي تڪرارن کي روڪڻ جو پيغام ڏئي ٿو. اسان کي امن ۾ سرمائيڪاري، تڪرار کي روڪڻ لاءِ قدم کڻنا پوندا. اسان کي پناهگيرن جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اسان کي وڏي دل جو مظاهرو ڪندي پناهگيرن جي ميزبان ملڪن جون ذميواريون ورهائڻيون پونديون.شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پناهگيرن جو تحفظ ڪري مثال قائم ڪئي. پاڪستان دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اڄ به 30 لک جي ويجهو افغان پناهگيرن کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪري رهيا آهيون. اسان جي قوم پناهگيرن سان سخاوت، يڪجهتي، همدردي جو مثالي مظاهرو ڪيو آهي. هن ملڪ پناهگيرن کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي باري ۾ بهتر پاليسيون ڏنيون ۽ ڪورونا وبا دوران به پناهگيرن جو هر ممڪن خيال رکيو ويو. جڏهن ته عوام لکين پناهگيرن جي ميزباني ڪري منصفانه انداز ۾ عالمي ذميواريون نڀايون.ڪورونا وبا جي سماجي ۽ اقتصادي چيلنج ۾ پناهگيرن جي مدد ڪرڻي پوندي. پناهگيرن جي ميزباني لاءِ  ترقي يافته ملڪن کان عالمي، سياسي ۽ مالي مدد گهربل آهي.  پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ ڊگهي امن جي لاءِ به سهولتڪار جو  ڪردار اداڪندو رهيو آهي. پاڪستان چاهي ٿو ته عالمي برادري افغان مسئلي جي ڊگهي سياسي حل جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو