اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان عدالت کي ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر عافيه سان رابطو ڪيو پر سندس رابطو ختم ٿي ويو، جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته عافيه صديقي خاندان سان ڪوبه رابطو نه ٿي چاهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان آمريڪي جيل ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آمريڪي ڊائريڪٽر راحيل محسن عافيه صديقي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.ٻڌڻي دوران جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ڪو رابطو آهي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هن وقت تائين ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو.درخواستگذار چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي هن وقت ٽيڪساس جي فيڊرل ميڊيڪل سينٽر ۾ آهي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق پڇاڻو ڪيو ته ڇا قونصل جنرل جو درخواستگذار يا سندس گهرواري سان ڪو رابطو آهي؟ پرڏيهي وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته هنن ڊاڪٽر عافيه سان رابطو ڪيو پر سندس رابطو ختم ٿي ويو آهي، ان ڪري اهو نه ٿو ٿي سگهي.ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عافيه جي ڀيڻ فوزيه صديقي عدالت ۾ گواهي ڏيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي هميشه چيو ويندو هو ته عافيه صديقي گذاري وئي آهي.فوزيه صديقي جي بيان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هوءَ آمريڪا وڃي ساڻس ملڻ چاهي ٿي؟ ان تي فوزيه صديقي چيو ته مان وڃڻ چاهيان ٿي پر سفارتخاني کي منهنجي سڪيورٽي جو خيال رکڻو آهي، نه ته اتي وڃان ۽ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو وڃي.عدالت پرڏيهي کاتي کي ڊاڪٽر عافيه جي خاندان کي آمريڪي ويزا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 30 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










