ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪار ۽ موسيقار عاصم اظهر جو آمريڪي ميوزيڪل بينڊ “ڪريويلا” سان گڏيل ميوزيڪل البم زيرو رليز ڪيو ويو آهي. ميوزيڪل البم زيرو جيتوڻيڪ مڪمل طور پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڀينرن گلوڪارن ياسمين يوسف ۽ جهان جو ميوزيڪل البم آهي پر ان ميوزيڪل البم کي تيار ڪرڻ ۾ عاصم اظهر جو اهم ڪردار آهي. عاصم اظهر ٻنهي ڀينرن جي ميوزيڪل البم جي هڪ گاني جي موسيقي جي تياري ۾ بينڊ سان معاونت ڪئي پر هن زيرو ميوزيڪل البم جي گاني پيراڊائيز کي پروڊيوس به ڪيو. زيرو کي 31 جنوري تي رليز ڪيو ويو هو ان کان اڳ 2019 جي ڊسمبر ۾ آمريڪي ميوزيڪل بينڊ پاڪستاني موسيقار جي گڏجڻ تي ان جو شڪريو ادا ڪيو هو. ياد رهي ته زيرو البم ۾ مجموعي طور 11 گانا آهن جن مان 4 گانا ميوزيڪل بينڊ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گلوڪارن ۽ موسيقارن جي مدد سان تيار ڪيا آهن.










